اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتص??دي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سال 21 -2020ع لاءِ ڪابينا جي سامهون ڪڻڪ جي گهٽ کان گهٽ امد??دي قيمت 1600 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اي سي سي ٽريڊنگ ڪارپوريشن لاءِ ??روعاتي طور تي مختص ڪيل 1.50 ملين ميٽرڪ ٽن درآمدي ڪڻڪ جي ماپي کي 1.80 ميلن ميٽرڪ ٽن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن فيبروري جي وچ ڌاري خيبرپختونخوا ۽ سنڌ لاءِ ??ضافي 0.30 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، اي سي سي 3 نومب?? کانپوءِ مدي ۾ ايگري ٽيڪ ۽ فاطمه فرٽيلائيزرز لاءِ 772 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي اگهن جي جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو آهي، اقتص??دي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.