اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ??يفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته اپلائيڊ سائنس جي گريجوئيٽس جي لاءِ تازو ئي پاڪ آسٽريا انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ انقلابي قدم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اعليٰ تعليم جي معيار ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ عالمي تعليمي سان رابطي جي عزم جو اظهار ڪيو، اه??ي طرح جا وڌيڪ منصوبا پڻ غور هيٺ آهن.