اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ فرانسيسي جريده ۾ ٻيهر گستخانه خاڪن جي ڇپائي انتهائي قابل مذم?? قرار ڏنو. اسپيڪر چيو ته مسلمان امت اجتماعي سطح تي ان معامل?? کي گڏيل قومن ۽ فرانسيسي حڪومت سامهون اٿاري، مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، پارليامينٽ طرفان گستاخانه خاڪن جي ڇپائي جي معامل?? کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، هن چيو ته او آءِ س?? کي اولهه دنيا ۾ اسلا??و فوبيه جي تدارڪ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ اقليتن کي پنهنجي مذهبي عبادتن جي ادائيگي ۽ پنهنجي عقيدي موجب زندگي بسر ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي وقت ??ي ضرورت آهي.