اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ورلڊ ب??نڪ (پاڪستان) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچاموٿوا لانگوان الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير م??دو?? خسرو بختيار ۽ سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ورلڊ ب??نڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڪستان ۾ قيام دوران تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن معيشت جي استحڪام ۽ ڪوويڊ 19 جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن ۽ سڌارن جي مجموعي عمل کي ساراهيو.