اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت مالياتي ڊسپلين کي قائم رکندي سخت انداز ۾ حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪيو ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري بيلنس مثبت ٿي ويو آهي، معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ وسيلن جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، انهي ويزن تحت حڪومت احساس پروگرام جي بجيٽ ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس آمدني ۾ 17 س??ڪڙ?? اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪڏهن وبا نه پکڙجي ها ۽ اهڙي طرح ئي معاملا هلن ها ته ٽيڪس آمدني ۾ 27 س??ڪڙ?? اضافي جو امڪان هو، اوڳاڙيون گڏ ڪرڻ ۾ 750 کان وٺي 800 ارب ??پي?? جي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح منفي ٻُڙي ڏهائي چار س??ڪڙ?? رهي، صنعت جي ترقي به منفي ٻه ڏهائي چار س??ڪڙ?? آهي، زراعت ٻه ڏهائي ڇهه س??ڪڙ??، خدمتن جو شعبو منفي ٽي ڏهائي چار س??ڪڙ??، ٽرانسپورٽ منفي ست ڏهائي هڪ س??ڪڙ?? ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبي جي ڪارڪردگي منفي ٻاويهه ڏهائي نو س??ڪڙ?? رهي، مالي خسارو جي ڊي پي جو چار س??ڪڙ?? رهيو. قومي اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ايف بي آر جي چيئرپرسن نوشين جاويد امجد ۽ ناڻي واري سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اقتصادي بحران ورثي ۾ مليو هو، اقتدار سنڀالڻ وقت روانگي واپار ۾ جمود هو، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا رڳو 9 ارب ڊالر رهجي ويا هئا، حڪومت جي لاءِ معيشت کي هلائڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان تي قرضن جو بار 30000 ارب ??پي?? تائين پهچي ويو. انهن مشڪل حالتن ۾ حڪومت مالياتي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکندي مشڪل فيصلا ڪيا، حڪومت روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان ڏنو، ان مقصد جي لاءِ روانگي واپار جي شعبي کي مراعتون ڏنيون ويون.