پنڊداد خان – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سال 2019ع ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، 2020ع ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو، وزيراعظم ب??جڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن قوم کي چيو هو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، تبديلي ۽ سڌارن جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اهڙيون مافيائون آهن جنهن جو مفاد پراڻي ۽ ڪرپٽ نظام سان لاڳاپيل آهي ۽ اهي ئي وڌيڪ گوڙ ڪندا آهن، اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه آهي، اسان ملڪ کي بهتر ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ڪرپٽ مافياز کي شڪست ڏيڻي آهي، مودي جي والار??ل ڪشمير ۽ هندوستان ۾ مسلمانن تي ظلمن جي خلاف اندر مان ماڻهو ا??ي بيٺا آهن، عالمي ڌيان هٽائڻ لا??ِ ڀارت طرفان امڪاني واردات کان پهرين ئي دنيا کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان جي هٿياربند فوج هر طرح جي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لا??ِ تيار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن 117 ڪلوميٽر ڊگهي جلال پور ايريگيشن ڪينال جو سنگ بنيا?? رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.