اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ دهشتگردن جي خل??ف آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فور??ز وطن جي دفاع جي خاطر هر دم چوڪس آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ميجر عاطف خليل، نائيڪ آزاد الله ۽ لانس ??ائيڪ غضنفر عباس کي قوم پاران سلام پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن خوارج جي خل??ف بهادري سان وڙهند?? شهادت ماڻي. صدر چيو ته سڄي قوم فتنه الخوارج جي خل??ف پنهنجي فورسز سان گڏ ??هي. صدر آصف علي زرداري بنون ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن جي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.