اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته فل??طين ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندڙ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري کي ٽي ڏي??هن ٿي ويا آهن، جڏهن ته ان جي باوجود غزه جي عوام تي اسرائيل جي مڙهيل جنگ بنا روڪ ٽوڪ جاري آ??ي، فل??طيني عوام کي بک ۽ نسل ڪشيءَ درپيش آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل تي زور ڀرين ته هو فل??طيني عوام جو قتل عام بند، غيرانساني گهيراءُ ختم ۽ غزه جي سمورن حصن ۾ انساني امداد جي اجازت ڏي. هن چيو ته عالمي برادري کي فل??طين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب القدس الشريف ج?? گادي واري شهر سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ فل??طيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي.