اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اي پي پي ريا??تي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪا ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? رهي آهي، ريا??تي ميڊيا کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ??ي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي دوري ج?? موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي، ڊائريڪٽر نيوز شفيق قريشي مملڪتي وزير جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب اي پي پي ڊيجيٽلائيزيشن جو پڻ افتتاح ڪيو. اطلاعات واري مملڪتي وزير اي پي پي ۾ تيار ٿيندڙ ڊيجيٽل اسٽوڊيو، اردو نيوز سروس سميت ٻين شعبن جو پڻ دورو ڪيو ۽ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن مملڪتي وزير کي اي پي پي جي مختلف معاملن بابت بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اي پي پي ريا??تي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪا ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? رهي آهي. هن چيو ته ريا??تي ميڊيا کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ??ي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.