اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو آهي ته پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تع??ون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن قطر جي علائقائي معاملن بابت مع??ون پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري ۽ قطر جي علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت مع??ون پرڏيهي وزير خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ گهڻ رخي پاڪ قطر لاڳاپن جو جائزو به ورتو. پرڏيهي سيڪريٽري ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تع??ون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن علائقائي امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان امن عمل جي ڏس ۾ قطر جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري افعان عوام جي فوري انساني ۽ اقتصادي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ??نو، هن چيو ته 40 سالن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ افغانستان ۾ امن کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي ۽ اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي. قطر جي مع??ون پرڏيهي وزير افغانستان ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ٺوس نتيجن تي پاڪستاني قيادت کي ساراهيو. هن 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پاڪستان کي مبارڪباد به ڏني، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود قطر جي مع??ون پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ??نو ته ڀارت پاران پاڪستان تي ميزائل فائر ڪرڻ جي تا??ي واقعي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، انهن حقيقتن تا??ين پهچ لاءِ گڏيل جاچ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جتي پاڪستان صبر ۽ تحمل ۽ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اتي ڀارت جو غير ذميواراڻو طرز عمل علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.