اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر چيو آهي ته مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خان تي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور ۾ جيترا ترقياتي ڪم ٿيا، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي ۾ عوامي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ آزاد ملڪ آهي اس??ن ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، اس??ن دنيا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ميمبر ان جو ڀرپور مقابلو ڪندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اس??ن جي دور ۾ جيتري اسلامي قانونسازي ٿي ما??ي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته اس??ن جي دور ۾ پنجين درجي تائين اسڪولن ۾ ناظره قرآن پاڪ ۽ ڏهين درجي تائين قرآن پاڪ جو ترجمو شروع ڪيو ويو. هن چيو ته اس??ن جي حڪومت عالم س??ورن جي لاءِ وظيفو شروع ڪيو ۽ وياج جي خلاف قانونسازي ڪئي.