اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آهي ته ??زي??اعظم عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج مخالف ڌر جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن، بطور اڳوڻي ??زي??اعظم شاهد خاقان عباسي کي عمران خان جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي ها پر اخلاقيات ۽ (ن) ليگ ٻه جدا جدا شيون آهن. شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ عوام جي ريليف تي به ڪاوڙيل نظر آئي، (ن) ليگ جي اصل ايجنڊا آهي ڪهڙي؟. فرخ حبيب چيو ته اڄ اسان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ ادارن کي تباهه ڪرڻ جو خميازو ڀوڳي رهيا آهيون، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ذميوار (ن) ليگ آهي، اسان جي ڪوششن سان اهو گهٽ ٿيو آهي، اسحاق ڊار ڊالر جي مصنوعي ڪيپنگ ڪئي. هن چيو ته پيڪا قانون (ن) ليگ جو ٺاهيل آهي، موجوده حڪو??ت ته رڳو سزائون واضح ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ??ا ڪرپٽ ترين ماڻهو (ن) ليگ جو حصو آهن، جيڪڏهن سياست ۾ ڪنهن کي بيساکي جي ضرورت آهي ته اها نواز شريف ۽ شهباز شريف کي آهي، در در جا ڌڪا کائيندڙ مخالف ڌر جي هڪ ئي خواهش آهي ته انهن کي ڪنهن به طرح اين آر او ملي وڃي. هن چيو ته ??زي??اعظم عمران خان سڀني چورن کي انهن جي انجام تائين پهچائي ساهه پٽ??ندو.