لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آ??ي ته مخالف ڌر لانگ مار?? جي نالي تي بيچين ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪير پڇڻ وارو نه آهي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آهي، مريم ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو چيو اهو ا?? جي دل جو آ??از آهي، پنهنجي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون، تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، ماڻهن کي مشڪل ۾ نه ٿا ڇڏي سگهون، تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آ??ي، وزيراعظم عمران خان پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو جنهن سان صنعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي جنه?? جي ڪري ٻاهرئين قرضن ۾ اضافو ٿي رهيو هو، حڪومت جي پهرين ڪوشش ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ هو، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آ??ي، حڪومتي پالي??ين جي ڪري روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آ??ي. چوڌري فواد ح??ين چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، عالمي ادارا ان سلسلي ۾ پاڪستا?? جي ڪوششن کي ساراهي رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪ جي ڀرپور مدد ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جنه?? جي ڪري اسان کي به قيمتون وڌائڻيون پيون. وزيراعظم عمران خان پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائين جو وڏو اعلان ڪيو جنهن سان صنعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته اسان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي بحال ڪيو جنهن سان روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آ??ي، ڪڻڪ، چڻا، چانور جي رڪارڊ پيداوار ٿي، وزيراعظم عمران خان کي عام ماڻهو جي تڪليف جو احساس آهي، عام ماڻهو کي ريليف ڏي?? جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. چوڌري فواد ح??ين چيو ته عام ماڻهو کي اڳ ۾ صحت ڪارڊ ڏنو، ڪالهه وزيراعظم وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو، نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏي?? سان گڏوگڏ نوجوان گريجوئيٽس کي 30 هزار رپيا انٽرن شپ ڏئي رهيا آهيون، احساس پروگرام سان عام ماڻهو کي فائدو ٿي رهيو آ??ي، اڳ ۾ غريب ماڻهو هاڻي مڊل ڪلاس جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، راشن ڪارڊ تي اٽو، کنڊ ۽ گيهه 30 سيڪڙو سبسڊي تي ملي رهيا آهن. هن چيو ته مخالف ڌر لانگ مار?? جي نالي تي بيچين ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪير پڇڻ وارو نه آهي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آهي، مريم نواز ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو چيو اهو ان جو آ??از آهي، حمزه شهباز ايندڙ چونڊن ۾ (ن) ليگ جي ٽڪيٽ وٺندو، اها ڪنهن کي خبر نه آهي. چوڌري فواد ح??ين چيو ته اسان پنهنجي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، ماڻهن کي مشڪل ۾ نه ٿا ڇڏي سگهون، حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي ۽ ايندڙ حڪومت به پاڪستان تحريڪ انصاف جي هوندي. وفاقي وزير چيو ته اڪانومسٽ موجب پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا جي مقابلي ۾ دنيا جي ٽاپ 3 ملڪن ۾ رهيو، عالمي مهانگائي، افغان مسئلي جي باوجود اسا?? جي صحيح قدمن سان ڪنسٽرڪشن، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي، روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو، تنهن ڪري اڄ انهي جي ڪري اسان عوام کي ايترو وڏو ريليف ڏي?? جي پوزيشن ۾ آهيون.