ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته پاڪستان ??وس سان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو، والاريل ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ضروري آهي، ??وس ۽ يوڪرائن جي وچ ۾ تازي ترين صورتحال افسوسناڪ آهي، پاڪستان ??فا??تڪاري سان ان جي حل جي اميد ڪري ٿو، تڪرارن جو حل ڳالهين ۽ ??فا??تڪاري سان ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ??وس جي دوري جي موقعي تي ڪريملن ۾ وزيراعظم ??مران خان ۽ صدر ولا??ي مير پيوٽن جي وچ ۾ سربراهي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن، ٻطرفي مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ تازي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ??مران خان اطمينان جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جو تسلسل جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته لاڳاپن ۾ ڀروسو ۽ گرمجوشي شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي اهميت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصا??ي منصوبي جي آهي، ٻنهي اڳواڻن توانائي سان لاڳاپيل ٻين منصوبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ??وس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن گهڻ رخن لاڳاپن جي عزم کي ورجايو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم ??مران خان افغانستان ۾ انساني بحران کي فوري حل ڪرڻ ۽ معاشي تباهي جي روڪٿام جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان دنيا سان گڏجي هڪ مستحڪم، پرامن ۽ ٺوس افعانستان جي لاءِ ڪم جاري رکندو. ان ڏس ۾ هن پاڪستان ۽ ??وس جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت تازي جاري تعاون ۽ رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو. سائوٿ ايشيا جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم ??مران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنجيده صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم ??لائقائي امن ۽ استحڪام کي پهچندڙ نقصان جي حوالي سان چيو ته علائقائي توازن کي برقرار رکڻ ۾ معاون قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ??وس ۽ يوڪرائن جي تازه ترين صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته فوري تڪرار کي ??فا??تڪاري سان حل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته تڪرار ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي ۽ تڪرار جي صورت ۾ سدائين اسرندڙ ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته تڪرار ڳالهه ٻولهه ۽ ??فا??تڪاري سان حل ٿين. دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۽ انتهاپسندي جي وڌندڙ رجحانن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ??ور ڏنو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل بقاءَ جي ضرورت آهي. صدر پيوٽن جي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي وابستگي جي حساسيت ۽ احترام کي سمجهڻ کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته معاشرن جي اندر ۽ انهن جي وچ ۾ امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمورن مذهبن جو احترام ضروري آهي. وزيراعظم ??ان گڏ اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي ??وس جي دوري تي آهي. وزيراعظم ??ان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ آهن.