اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ ها??وس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان ان??ظا??ي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ ان??ظا??ي معاملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آ??ي. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.