اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ ع??ائ??ائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف صدر کي سيڪيورٽي ف??رسز جي پيشيواراڻي تيارين ۽ دهشتگرد عنصرن جي خلاف قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ??ٿياربند فوج ملڪ مان عسڪريت پسندن ۽ شرپسندن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي صدر سيڪيورٽي ف??رسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ عسڪريت پسندن جي خلاف تازين ڪاررواين ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته ??وم کي پنهنجي هٿياربند فوج جي قربانين تي ف??ر آهي جن سدائين هر قسم جي مشڪلاتن جي خلاف قومي سرحدن جو دفاع ڪيو.