اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان سينيٽ چ??ئرمين صادق سنجراڻي جي ڏاڏيءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جا??ي بيان موجب وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ م??حومه جي مغفرت ڪري ۽ درجا بلند فرمائي. هن سوڳوارن سان تعزيت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.