اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد ح??ين ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان، سينئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يوسف عارف نظامي کي نين ذميدارين تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سي پي اين اي ملڪ ۾ شاندار صحافتي روايتن جي امين آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ، صحافتي قدرن جي پاسداري ۽ عوام کي باشعور بڻائڻ ۾ سي پي اين اي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري ۽ بنيادي حق تي ڪامل يقين رکي ٿي. چوڌري ??واد ح??ين چيو ته ملڪ ۾ آزادي صحافت جي فروغ ۽ فعال ميڊيا جي ترقي لاءِ هر ممڪن حمايت جاري رکندا، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار صحافت جي شعبي جي بهتري ۽ ميڊيا صنعت جي ڀلائي ۽ بهتري ??اءِ صحافتي برادري جي ام??دن تي پورو لهندا.