اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي ??فتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، برآمدي صنعت ۾ سيڙپڪاري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت هيٺ ترجيحي شعبن جي ??ائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، حماد اظهر، صلاحڪارن شوڪت فياض ترين، معيد يوسف، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سي پيڪ جي چيئرمين خالد منصور، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين ظفر احسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. برآمدي صنعت ۾ سيڙپڪاري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته سيڙپڪارن کي مفيد ماحول جي فراهمي لاءِ سمورا حڪومتي ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي ??فتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي فيز 2 تي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، ڌاٻيجي، علامه اقبال ۽ بوستان خصوصي صنعتي زونز ۾ گئس ۽ بجلي جي فراهمي تي ڪم تيزي سان جاري آهي. بنيادي طور تي صنعتن جي ??عمير لاءِ گهربل بجلي ۽ گئس ميسر آهي جڏهن ته صنعتن ۾ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ باقي گهربل بجلي ۽ گئس جي فراهمي به ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سي پيڪ اٿارٽي پاران پلگ اينڊ پلي ماڊل جي ??جويز پيش ڪئي وئي جنهن تي ڪم جاري آهي، ماڊل تحت سيڙپڪارن جي ??مورين ضرورتن کي ون ونڊو آپريشن جي ??ريعي پورو ڪري انهن ??لا??قن ۾ صنعتن جي ??عمير ۾ تيزي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي صنعتن جي ??عمير، مختلف ادارن کان گهربل منظورين ۽ اهم معلومات جي فراهمي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ پاران پورٽل تي به ڪم تقريبن مڪمل آهي جنهن کي جلد جاري ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سي پيڪ تحت منصوبن جي ??ڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ترقياتي ڪمن جي ??فتار کي وڌائڻ لاءِ باقاعده سسٽم جاري ڪيو ويو آهي. برآمدي شعبن ۽ صنعتن جي نشاندهي ڪري ايس اي زيز ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، زرعي شعبي ۾ نه رڳو ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، پر شعبي جي ??رآمدات وڌائڻ لاءِ معاهدا به ڪيا پيا وڃن، اجلاس ۾ وزيراعظم سي پيڪ فيز 2 با??ت سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايتون جاري ڪيون.