اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ت??قي جا وسيع موقعا موجود آهن، جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپنين جي سربراهن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر ڏينه?? ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد ۾ ايزي پري فيبريڪيٽڊ هومز ??را??يويٽ ل??يٽ??ڊ جو سي اي او، لاهي ٽريڊنگ انٽرنيشنل ??را??يويٽ ل??يٽ??ڊ جو سي اي او، ياياشينگ انڊسٽريل پراڊڪٽس ڪمپني جو سي اي او، ليڊ زون ??را??يويٽ ل??يٽ??ڊ جو سي اي او، چيانگ شنگ پاڪستان سراميڪس ??را??يويٽ ل??يٽ??ڊ جو سي اي او، سنووائيٽ لاويشن ??را??يويٽ ل??يٽ??ڊ جو سي اي او، زينگ بانگ ايگريڪلچر پاڪستان ??را??يويٽ ل??يٽ??ڊ جو سي اي او، ايگزٽ ٽيڪ ??را??يويٽ ل??يٽ??ڊ جو سي اي او ۽ چئلينج فيشن ??را??يويٽ ل??يٽ??ڊ جو سي اي او شامل هئا. ان موقعي تي چيني سفير نونگ رانگ به موجود هو، وفاقي وزير محمد حماد اظهر شوڪت فياض ترين، اسد عمر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت ايز آف ڊوئنگ بزنس پاليسي تي محنت سان عمل پيرا آهي، سيڙپڪارن لاءِ مراعتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ انتظامي ڪاررواين کي آسان بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته انهن جي مسئلن کي ت??جيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ هو مهيني پاڻ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته پاڪستان چي?? سان صنعتي شعبي جي ت??قي جي حوالي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، چيني سيڙپڪار?? سان پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا ملندا ۽ افرادي قوت هنر سکندي، پاڪستان ۾ وچولي ۽ ننڍي درجي جي صنعت جي ت??قي جا وسيع موقعا موجود آهن جن ۾ چيني ڪمپنيون ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، وزيراعظم چيو ته زراعت، ماهيگيري، سبزي، فروٽ، وڌيڪ پيداوار وارا پالتو جانور، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ننڍي صنعتن تي ڌيان ڌيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي.