اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اها به فيڪ نيوز آهي ته پي اي?? ڊي اي تي ڪو آرڊيننس آڻي رهيا آهيون يا ڪو مسودو تيار آهي، اسان پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي اي?? ڊي اي) تي مشاورت ڪري رهيا آهيون، سب ڪميٽي جي سربراهه مريم اورنگزيب پاران احتجاجي ڪيمپ ۾ وڃي پي اي?? ڊي اي کي ڪارو قانون چئي ر?? ڪيو ويو، ڇا اهو سٺو نه ٿئي ها ته سب ڪميٽي ڪميٽي جي سربراهه غير جانبدار رهي ها ۽ پنهنجو موقف ان فورم تي پيش ڪري ها، اسان جي اميد هئي ته مشاورتي عمل ۾ بامعنيٰ بحث جي ذريعي اڳتي وڌون، پي اي?? ڊي اي تحت ميڊيا بابت ادارا هڪ ڇٽي هيٺ گڏ ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن ملازم کي فارغ نه ڪيو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سب ڪميٽي ۾ پي اي?? ڊي اي فريم ورڪ تي بريفنگ ڏئي رهيو هو، سب ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين مريم اورنگزيب ڪئي، جڏهن ته ڪميٽي ميمبر ڪنول شوزب ۽ نفيسه شاهه به موجود هيون، اجلاس ۾ پي بي اي، سي پي اي?? اي، اي پي اي?? ايس، پي اي?? يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جا عهديدارن شريڪ هئا ۽ پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، مملڪتي وزير فرخ حبيب ٻڌايو ته پي اي?? ڊي اي فريم ورڪ تي پي بي اي، اي پي اي?? ايس، سي پي اي?? اي ۽ ملڪ جي پنج وڏن پريس ڪلبن، پي اي?? يو جي سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته پيمرا، اي بي سي، پ??يس رجسٽرار، پ??يس ڪائونسل، موشن پيڪچر ۽ ٻي ميڊيا بابت ادارا آهن، انهن کي پي اي?? ڊي اي جي ڇٽي هيـٺ گڏ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ان سان نه رڳو بجيٽ گهٽ ٿيندو پر پراسيس ۾ آساني پيدا ٿيندي، هن چيو ته ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن ۾ اليڪٽرانڪ، پ??نٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا سان جڙيل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي درخواستن تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن جو فيصلو ميڊيا ٽربيونل ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو جتان 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهبو، پ??ڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪنهن به صورت ۾ ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن تي اثر انداز نه ٿيندو. هن چيو ته ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن جي لاهور، ملتان، سکر، ڪراچي، ڪوئيٽا، پ??اور ۽ اسلام آباد ۾ موجودگي هوندي، هن چيو ته او ٽي ٽي پليٽ فارم تي اسان جو مقامي ڪانٽينٽ بلڪل به نه آهي، اسان پي اي?? ڊي اي لاءِ آف ڪام، سنگاپور ۽ ملائيشيا ماڊل کان رهنمائي ورتي آهي، هن چيو ته صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز جو مطالبو آهي ته پگهارن ۽ ويج بورڊ جو مسئلو حل ڪريو، هن چيو ته اها به فيڪ نيوز آهي ته پي اي?? ڊي اي تي ڪو آرڊيننس آڻي رهيا آهيون يا ڪو مسودو تيار آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ پيمرا، پ??يس ڪائونسل سميت موجوده قانونن کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون، او ٽي ٽي پيلٽ فارم کي ليگل ڪور ڏيڻ چاهيون ٿا، ڊجيٽل ميڊيا کي لائسنسنگ نه ڪري رهيا آهيون ان کي ر??سٽرڊ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته فيڪ نيوز تي تعميري بحث وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي ، ڪميٽي ميمبر ڪنول شوزب چيو ته سب ڪميٽي جي چيئرمين مريم اورنگزيب جانبداري جو مظاهرو ڪندي پي اي?? ڊي اي کي مشاورت کان پهرين ئي ر?? ڪيو، مريم اورنگزيب جي سب ڪميٽي جي سربراهي تي سواليه نشان بڻجي چڪو آهي، ڪميٽي جي ميمبر نفيسه شاهه چيو ته ڪنول شوزب جو احتجاج بلڪل ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ان معاملي تي سب ڪميٽي ٺهي آهي ته ان تي ان حوالي سان معاملا بحث هيٺ آڻڻ گهربا هئا، پي اي?? يو جي جي صدر پرويز شوڪت چيو ته پاڪستان جي ميڊيا ۾ نه ملازمت ڏيڻ جو قانون آهي نه ئي ڪڍڻ جو ڪو قانون آهي، صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز 10، 10 مهينن کان پگهارن کان محروم آهن، اوچتو ميڊيا ادارن مان ڪڍيو ويندو آهي ۽ چوڪيدار کي چئي آفيس داخلا تي پابندي لڳائي ويندي آهي، بقايائون نه ڏنيون وينديون آهن، پي اي?? يو جي پروفيشنلز جي صدر مظهر اقبال چ يو ته اسان پي اي?? ڊي اي کي ر?? نٿا ڪريون، ان جي تجويزن تي ڳالهائڻ چاهيون ٿا، آءِ ٽي اي?? اي ۾ 10، 10 سال ڪيسز التوا ۾ رهندا آهن، فيصلا ناهن ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي اي?? ڊي اي) صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز لاءِ هڪ نعمت آهي، پهريون ڀيرو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي عدم ادائيگي ۽ ڪنٽريڪٽ تي عمل نه ڪرڻ تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ملي سگهندو، پي اي?? يو جي جي صدر افتخار مشواني چيو ته اسان هر ان قانون جي آجيان ڪنداسين جيڪو صحافين ۽ ميِڊيا ورڪرز جي مفاد ۾ هوندو، گذريل ڪجهه سالن ۾ هزارين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو، ڪنول شوزب چيو ته سب ڪميٽي جي اي??دڙ اجلاس ?? ٻين تنظيمن کي به ٻڌنداسين، ڪميٽي جي چيئرمين مريم اورنگزيب چيو ته جرنلسٽس اي??ڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن بل کي جلد انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي مان پاس ڪرائي اي??ان ۾ آڻي اتفاق راءِ سان منظور ڪرائينداسين، سموريون لاڳاپيل ڌريون 21 سيپٽمبر تائين پنهنجون تجويزون تحريري طور تي سيڪريٽريٽ موڪلين.