اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ج??هن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي ج??هن ۾ منصوبابندي، ??رق??، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ مجلس شوريٰ پارليامينٽ کي صدر جي خطاب، قانونسازي ۽ ن??ين پارلياماني سال ??ي ڪلينڊر بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو ج??هن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. موجوده قومي اسيمبلي جي چوٿين پارلياماني سال جي شروعات صدر جي خطاب سان ٿيندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته موثر قانونسازي ذريعي ئي ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو ۽ عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. چوٿين پارلياماني سال ۾ التوا ۾ پيل قانونن جي منظوري ۽ عوامي ڀلائي بابت قانون ترجيحي بنيادن تي منظوري جي لاءِ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽئين پارلياماني سال ۾ عوامي ڀلائي بابت ڪيترائي بلز منظور ڪيا ويا، بجيٽ ۽ عوامي اهميت وارن معاملن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽن سالن ??ي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي ج??هن جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ڏا??هن وڃي ٿو. بابر اعواڻ چيو ته پارلياماني سال جو ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي ج??هن کي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.