اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪس??ان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ فلم، ڊراما ۽ ڪو – پروڊڪشنز جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏي?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ متنوع ثقافتي ورثو موجود آهي جنهن جي ڪيوبا جي عوام سان مٽاسٽا ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪس??ان ۾ ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيرو گونزيلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي جنهن اطلاعات واري وفاقي وزير سان ??ند?? آفيس ۾ ملاقات ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته جوائنٽ پروڊڪشنز جي شعبن ۾ تعاون سان اسان کي هڪ ٻئي جي قدرن ۽ معاشرتي اصولن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن ميڊيا، اطلاعات ۽ ڪميونيڪشن جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائ?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيوبا جي سفير کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان (اي پي پي) ۽ Latin Press of Cuba جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي جي منظوري ڏئي ??ڏي آهي. هن چيو ته ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪس??ان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي ??ي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ڪيوبا جي صحافين ??ي پاڪس??ان جي دوري جي آجيان ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ م ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي ڪيوبا جي سفير ڪيوبا جي صحافين ??ي پاڪس??ان جي دوري جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير جي تجويز کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف گڏيل قدرن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ جعلي خبرن جي مسئلن کي حل ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو.