اسلام آباد – ??هرين آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊن ۾ فائدي جي لاءِ مستقل ڪيل ايڊهاڪ ملازمن تي نظرثاني ڪنداسين. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ آزاد ڪشمير ۾ ايڊهاڪ ملازمن جي مستقلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ادارا انهي لاءِ تباهه ٿين ٿا?? پي ٽي وي سميت وڏا ادارا سياسي ۽ سفارتي ڀرتيون ٿيڻ تي تباهه ٿيا، گهڻي بجيٽ ادارن جي ملازمن ج?? پينشن ۾ وڃي ٿي، آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو اهو قدم کنيو ويو هوندو، 2008ع ۾ اسٽيل ملز منافعي ۾ هئي?? پيپلزپارٽي جي دور ۾ سياسي ڀرتين سان اهو ادارو اڄ بند ٿي چڪو آهي?? پي آءِ اي اهڙي طرح ??سا??ي ۾ آهي، اسان کي ملڪ کي امانت سمجهي هلائڻو آهي، آزاد ڪشمير ۾ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ تي نظرثاني ڪنداسين.