اسلام آباد – 31 جول??ءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وڻڪاري جي فروغ ل??ءِ اسڪولن ۾ ننڍڙن ٻارن جي ترغيب ضروري آهي، تفريحي جاين کي صاف سٿرو رکڻ اسان جي اولين ذميواري آهي، موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي مثالي آهي، ماحوليات جي تحفظ ل??ءِ زرتاج گل ۽ ملڪ امين اسلم بهترين ڪم ڪيو آهي، پاڪستان وڻڪاري ۽ ڪوويڊ 19 جي حوالي سان زبردس?? ڪم ڪيو آهي، نوجوان نسل پاڪستان کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ ۾ ڀرپور حصو وٺي، رستن ۽ کليل جاين تي هنيل وڻن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، گهر ۾ هنيل وڻن جي بهترين سارسنڀال سان ا??هن جي واڌويجهه بهتر ٿئي ٿي، ٻارن ۾ ماحوليات جي حوالي سان شعور اجاگر ڪري بهتري آڻي سگهجي ٿي. صدر هتي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مون ۽ ثمينه علوي حڪومت کان هڪ هڪ لک وڻ وٺي ماڻهن ۾ ورهايا ته جيئن ڪراچي ۾ وڻڪاري کي فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان اسڪول جي ننڍڙن ٻارن جي ل??ءِ خاص پينسلون تيار ڪرايون جن ۾ رٻڙ جي جڳهه تي خاص ڪيپسول لڳرائي ا??هن ۾ ٻج رکيا ۽ مختلف اسڪولن ۾ ننڍن ٻارن کان وٺي وڏي ڪلاس تائين جي ٻارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ وڻڪاري جي حوالي سان ا??هن کان معلومات ورتي. هن چيو ته خاص طور تي تيار ڪيل پينسلون اسڪول جي ٻارن کي ڏئي ا??هن کي چيو ته ا??هن کي پنهنجي گهرن ۾ گلدان ۾ لڳائين ته خوبصورت ٻوٽا نڪرندا. صدر چيو ته ڀاڻ ۽ دوائن جا اثر دير تائين رهن ٿا ان ل??ءِ ا??هن جي استعمال ۾ احتياط جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماحوليات جي حوالي سان مملڪتي وزير زرتاج گل ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ امين اسلم جي ڪارڪردگي شاندار آهي. هن چيو ته ماحوليات واري وزارت پنهنجي ڪارڪردگي سان دنيا کي ثابت ڪيو آهي ته ماحوليات جي بهتري ل??ءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 جي وبا دوران جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون دنيا ا??هن کي به تسليم ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماحوليات واري وزارت عالمي اداري کان آڊٽ ڪرائي آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته ا??هن پنهنجي واعدي کان وڌي?? ڪم ڪيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته جڏهن اترين علائقن ۾ وڃو ته اتي ڪچرو نظر اچي ٿو ج??هن سان قدرتي حسن متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته بزرگن جي ڀيٽ ۾ نوجوان نسل ماحوليات دوست آهي ۽ اهي ماڻهن کي ان حوالي سان آگاهي پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. صدر هدايت ڪئي ته سياحتي جاين تي ريپرز، بوتلون ۽ ڪچرو نه اڇلايو وڃي پر ان کي مناسب طر??قي سان تلف ڪيو وڃي. هن چيو ته جڏهن انسان فطرت جي ويجهو هوندو آهي ته ان کي سڪون ملي ٿو انهي ل??ءِ ماڻهو فطرت جي ويجهو رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سياحتي جاين تي ايندڙ ماڻهن کي صفائي ۽ ماحول دوستي جي حوالي سان خاص پيغام ڏنو وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ اسان پنهنجي ذاتي لالچ جي ل??ءِ پاڪستان جي قدرتي خوبصورتي کي متاثر ڪيو آهي جڏهن ته هاڻي حڪومت باقاعده منصوبابندي سان فطرت جي تحفظ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. صدر چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سياحت وڌي رهي آهي ۽ اهڙي طرح روزانو 5، 5 اڏامون اسڪردو وڃي رهيون آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪل آبادي 15 لک جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته هلندڙ سال اتي 20 کان 25 لک سياحن جي آمد متوقع آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ماحوليات جي حوالي سان مختلف مسئلن جي خاتمي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر چيو ته اسان جو فرض آهي ته اسان ايندڙ نسلن جي ل??ءِ ترجيحون طئي ڪريون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني عوام تي زور ڏنو ته پاڪستان ڪلين اينڊ گرين ٺاهڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.