اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڦيرڦار بابت اوگرا جي تجويز رد ڪن??ي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي 31 مئي تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فنانس ڊويزن پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان عالمي ??طح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو بار عوام تي نه وجهڻ چاهي ٿو ?? پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي برقرار رکڻ جي ڏس ۾ حڪومت روين??و ۾ 2.77 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪن??ي. 18 مئي کان پيٽرول جي قيمت 108.56 رپيا/ ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 110.76 رپيا/ ليٽر، گاسليٽ جي قيمت 80 رپيا/ ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت 77.65 رپيا/ ليٽر برقرار رهندي.