اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات تمام گهڻي بهترين رهي، اهو ٻڏائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته برطانوي ڪرڪيٽ ٽي?? 16 سالن کانپوءِ ٻيهر هلندڙ سال ??ڪٽ??بر ۾ پاڪستان جي دوري تي اچي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو ته ايندڙ سال ڪرڪيٽ ٽيسٽ سيريز سان ڀريل هوند??. ه?? چيو ته سريلنڪن ٽي?? تي حملي کانپوءِ اسان گهڻو ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي.