اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظ??هر ڪئي آهي ته ڪش??ير هاڻي آزادي طرف ويندو ڇو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم ذريعي ڪش??يرين کي دٻائڻ جا ڀارتي ارادا ناڪام ٿي ويا آهن. ڪشسمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي جمعي ڏينهن ڪوٽلي ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ نجي ٽي وي چينل (هم نيوز) سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي ڪش??يرين کي ڪرش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪش??يرين جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا. هن چيو ته ڪش??يرين کي وڌيڪ عرصي تائين نه ٿو دٻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته تاريخ مان ثابت ٿيو آهي ته ڪنهن آبادي کي وڌيڪ عرصي تائين دٻائي نه ٿو سگجي ۽ جڏهن ڪا قوم آزادي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته ڪا به طاقت ان کي نه ٿي دٻائي سگهي. هن چيو ته دنيا ڪش??ير مسئلي جي سنجيدگي کي سمجهيو آهي جيڪو گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل سميت عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آه?? انهي لاءِ پراميد آهيان ته هاڻي اهو آزادي طرف ويندو. يورپي يونين جي ڊس انفوليب ج?? انڪشافن بابت وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي هڪ وڏو ملڪ ۽ وڏي مارڪيٽ هجڻ جي واويلا ڪري ٿو جنهن پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پ?? پاڪستان کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بي مثال عالمي پ??يرائي ملي. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته مون کي يقين ڪونهي ته بائيڊن انتظاميا ڪش??ير تڪرار تي ثالثي ۾ شامل ٿيندي جهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ آڇ ڪئي هئي جڏهن ته هن چيو ته ان مسئلي جي حوالي سان دنيا ۾ شعور موجود آهي، 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪش??ير مسئلي تي ٽي ڀيرا بحث ڪيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو هڪ عالمي ايشو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت جي لاءِ هاڻي ظلم جاري رکڻ مشڪل ٿيندو ڇو ته دنيا صورتحال جو مشاهدو ڪري رهي آهي. پاڪستان ڀارت ک?? ان شرط تي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ته هو آرٽيڪل 370 کي بحال ڪندي والاريل ڪش??ير جي خصوصي حيثيت بحال ڪري.