اسلام آباد – 07 211; جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته پوري قوم مڇ سانحي تي ڏکويل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گ??رجي، ان مسئلي تي اسان سڀني کي هڪ ٿيڻ گ??رجي، وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ضرور ويندو ۽ مڇ سانحي جي متاثرين سان ملاقات ڪندو، اسان جي پهرين ترجيح آهي ته دهشتگردي جا واقعا آئنده نه ٿين. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن ملڪ ۾ افراتفري جي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن 7 فوجي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، انهن جو ڪنهن برادري سان تعلق نه هو، ان طرح جي واقعن جو مقصد صرف ملڪ ۾ خوف ۽ ب?? يقيني جي صورتحال پيدا ڪرڻ هوندو آهي، ان صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي اهو سوچڻ گ??رجي ته ان سڄي صورتحال کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوئيٽا جي علائقي مڇ ۾ ٿيندڙ واقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم ڏکويل آهي.