اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مل?? ۾ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن جي فروغ سان مل??ي معيشت ??ستحڪم ٿيندي، شموليتي سيڙپڪاري ۾ سمورن شعبن خاص طور تي عورتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪرپشن کان بچاءُ، ڪارڪردگي ۾ اضافي ۽ نظم ۽ ضبط تي ڌيان ڏيڻ سان مل?? کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، موجوده حڪومت روزگار ۽ تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن شعبن ۾ اڻبرابري ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شموليتي سيڙپڪاري پاڪستان ايڪسپو 2020ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.