اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي ايف بي آر جي چيئرمين آن لائين رجسٽريشن سسٽم ۽ آگاهي سيمينار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويا آهن، ڪنسٽرڪشن شعبي سان جڙيل 112 ماڻهو ۽ ڪمپنيون ايف بي آر سان رجسٽر ٿي چڪيون آهن ??يڪي 123 منصوبن تي ڪم ڪندا، سنڌ جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته سيڙپڪارن جي لاءِ ون ونڊو پورٽل ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ??حت سنڌ ۾ 19 منصوبن جي منظوري ??ني وئي آهي، 75 منصوبن لاءِ اين او سي جاري ??ئي وئي آهي، منصوبن جي نگراني لاءِ ڪميٽي نوٽيفائي ڪ??ي وئي آهي، جنهن ۾ پرائيويٽ سيڪٽر جا نمائندا به شامل آهن.