اسلام ??با?? – 29 آگسٽ (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين جي صدر گيبريلا ڪيووس بيرن پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي وئي آهي، سينيٽ سيڪريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽر مرزا محمد آفريدي ۽ سينيٽ جي اعليٰ عم??دارن آءِ پي يو جي صدر کي اسلام ??با?? انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو، ان موقعي تي هن چ??و ته مون کي پاڪستان اچي وڏي خوشي ٿي، آئون پاڪستاني ثقافت ۽ مهمانوا??ي جون يادون کڻي وڃي رهي آهيان، هن چ??و ته پاڪستان ۾ سياحت، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، گوادر، لاهور، مري ۽ ٻيا هنڌ پنهنجي تاريخي اهميت رکن ٿا، هن چ??و ته پاڪستان آءِ پي يو جو هڪ فعال ميمبر آهي ۽ هو اميد ڪري ٿي ته پاڪستان آءِ پي يو جي پليٽ فارم تي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندو رهندو.