پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته بي آر ٽي منصوبي جي شروع ٿيڻ سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو ۽ ا??و منصوبو پشاور جي شهرين جي لاءِ نعمت ثابت ٿيندو، هائبرڊ بسن جي استعمال سان ماحولياتي آلودگي ۾ به گهٽتائي ٿيندي ۽ عوام کي بهتر??ن سفري سهولتون ملنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي آر ٽي منصوبي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق سميت چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري عملدارن جو وڏو انگ موجود هو. وزير??عظ?? چيو ته هن منصوبي جي ??ڪم?? ٿيڻ تي وڏي وزير محمود ان ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هي ميٽرو بس جو بهترين منصوبو آهي ۽ معيار جي لحاظ کان به اعليٰ ۽ ٿرڊ جنريشن منصوبو آهي. هن چيو ته ان جا اثر پشاور جي ترقي تي پوندا. هن چيو ته ماڻهن کي پشاور جي مين رستي تي رش جي ڪري ڪلاڪ جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو هو. بي آر ٽي ذريعي پشاور جي عوام کي بهتر??ن سفري سهولتون ملنديون. هن چيو ته 27 ڪلوميٽر جي ان بس ٽريڪ جي ڪري رستن تي ٽريفڪ دٻاءُ به گهٽ ٿيندو. هن چيو ته هي جديد ٽرانسپورٽ سسٽم آهي. مون کي ان حوالي سان ڪجهه خدشا هئا پر پرويز خٽڪ جيڪو ان وقت وڏو وزير هو هو ان منصوبي جي حق ۾ دليل ڏيندو هو. ثابت ٿيو ته سندس راءِ صحيح هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان منصوبي جي ??ڪم?? ٿيڻ سان مزدور، پورهيت ۽ عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو.