اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ??ه وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رکيو، اين سي او سي ۾ جيترا به فيصلا ٿيا ان ۾ سموريون ڌريون شريڪ هيون، ڪجهه پارٽيون ان معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورن?? ڪري رهيون آهن، حڪومت ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهي ??هي، پيپلزپارٽي کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي ??هي. هو مواصلات واري و??اق?? وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ اڃا به ڪاٿن کان گهٽ آهي. هن چيو ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن سان اتفاق ڪري ٿو پر ڪراچي پهچي سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن کان انڪاري ٿي وڃي ٿو. هن سياسي پارٽين تي زور ڏنو آهي ??ه اهي ??ميواري جو مظاهرو ڪن ۽ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي غيرمعمولي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.