اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت ڊجيٽل پاڪستان جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي ته جيئن هو آزاداڻي طور تي ڪم ڪري ملڪ جي ا??تص??دي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو ا??هار وزيراعظم عمران خان ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني وي آن (VEON) جي چيف آپريشنز آف??سر سرگي هيريرو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. جاز پاڪستان وي آن جي ذيلي ڪمپني آهي.