اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم پاڪستان ٺهڻ کان ٽي ڏي??هن اڳ ۾ ئي ان جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ پاڪستاني آهن کڻي اهي ڪهڙي صوبي يا مذهب سان لاڳاپو رکندا هجن، پاڪستان جو اصل مطلب اهو ئي آهي، ڀارت ۾ جيڪي حالتون آهن ا??هن ٻه قومي نظريي کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي، ٻارن کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪستان ڪهڙي مقصد لاءِ ٺهيو هو، اسان کي اسڪولن ۽ تر??يت ۾ اهو شامل ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ برابر آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.