راولپنڊي – 22 – مارچ (اي پي پي) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڏا ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران ??هي?? ٿيندڙ برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي جي جنازي نماز ريس ڪورس گرائونڊ راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنازي نماز ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف ??سٽ??ف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، چيف آف آرمي ??سٽ??ف جنرل سيد عاصم منير، ڊي جي انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فو??ي آفيسرن ۽ جوانن، سرڪاري آفيسرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. آفيسر کي قوم جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پوري فو??ي اعزاز سان آرمي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پنهنجي پوري فو??ي ڪيريئر دوران برگيڊيئر مصطفيٰ برڪي جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ سرگ??م رهيو، خيبرپختون??وا??ه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي نيٽ ورڪس کي ڪاميابي سان ختم ڪيو. هو اي پي ايس حملي 2016ع ۾ ملوث دهشتگرد نيٽ ورڪس تائين پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو هو. قوم سندس زندگي ۾ شاندار خدمتن ۽ پاڪستان جي لاءِ ڏني ويندڙ عظيم قرباني جو اعتراف ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي هٿياربند فو?? ۽ انٽيلي جنس ايجنسيون دهشتگردي جي ان لعنت کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون.