اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ملايشيا، پرتگال، ڪوسوو، ليٿوانيا ۽ ايڪواڊور جي نامزد سفيرن سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان پا??ستان ۾ ملائيشيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان مو????ي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پا??ستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن، پا??ستان ملائيشيا سان معيشت، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ملائيشيا ۽ آسيان جي منڊين ۾ پا??ستاني شين تائين پهچ ملائيشيا جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، ٻطرفو واپار وڌائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر مختلف معاملن تي عالمي فورمز تي پا??ستان جي مسلسل حمايت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيا. صدر سان پا??ستان ۾ پرتگال جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. ان مو????ي تي صدر چيو ته پا??ستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار، زراعت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع مو??عا موجود آهن، پا??ستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي وڏي منڊي آهي، پرتگالي ڪمپنين کي پا??ستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. صدر چيو ته واپاري وفدن کي تعاون جي شعبن جي ڳولا لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي سان پا??ستان جي لاءِ ڪوسوو جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. ان مو????ي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پا??ستان ڪوسوو سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ڪوسوو سان اقتصادي لاڳاپن جي توسيع پا??ستان جي اهم ترجيح آهي، پا??ستان اڀرندڙ منڊي آهي، سيڙپڪاري جا بي شمار مو??عا موجود آهن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا ق??ئم ڪرڻ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ اهم قدم هوندو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پا??ستان جي لاءِ ليٿوانيا جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پا??ستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ واپار ۽ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي، پا??ستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پا??ستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر پا??ستان جي لاءِ ايڪواڊور جي نامزد سفير ملاقات ڪئي. ان مو????ي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پا??ستان ايڪواڊور سان سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، صدر ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.