اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت جي خاتمي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور طبقن طرف ڀرپور ڌيان ڏيڻ گهرجي، احساس فلاحي پروگرام غريبن کي ريليف ڏيڻ جو هڪ سٺو مث??ل آهي جنهن ۾ غريبن کي ريليف فراهم ڪيو ويو، ان ??روگرام تحت ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ??ستحقين ۾ رقم جي شفاف ورڇ ۾ مدد ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر اسلام آباد ۾ احساس پروگرام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيل ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان ??اڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر احساس پروگرام تحت ٻارن کي تعليمي وظيفا ۽ عورتن کي قرض فراهم ڪرڻ جي خصوصي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته اهو يقينن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن ان ڏس ۾ پروگرام جي لاءِ اڻٿڪ ??دم??ون سرانجام ڏيڻ تي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته احساس پروگرام مان سکي سگهجي ٿو ۽ ان سان غربت گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ماڻهن جي صحت ۽ تعليم حڪومت جي ذميواري آهي، پاڪستان جي عوام دنيا جي انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي خيرات ڪن ٿا. هن چيو ته احساس جا مختلف پروگرام اسلام جي فلاحي رياست جي جذبي تحت ٺاهيا ويا جن جو مقصد غربت جي خاتمي ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جا پروگرام جاري رهڻ گهرجن، اهڙي قسم جي پروگرامن ۾ اهم مقصد چوري کي روڪڻ هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ غربت جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻو پوندو. صدر عورتن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوامي صحت ۽ تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن. هن چيو ته اسڪولن کان ??اهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خطي جي ٻين ملڪن تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏنو پر پاڪستان ۾ ان ڏس ۾ انگ اکر مايوس ڪندڙ آهن. صدر چيو ته اسلام عورتن کي وراثت ۽ ٻيا حق ڏنا آهن ۽ معاشري کي عورتن جي انهن حقن کان ??حروم نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشري جي محروم طبقن جي حالت سڌارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته صوبا پنهنجي آمدني جو 25 کان 30 سيڪڙو حصو تعليم تي خرچ ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود وڏي انگ ۾ ٻار اسڪولن کان ??اهر آهن، اڄ به ملڪ جا 22 ملين کان ??ڌيڪ ٻار اسڪولن کان ??اهر آهن. صدر چيو ته پاڪستان ڪورونا جي وبا دوران ??ين ملڪن جي ابتڙ ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جڏهن ته احساس پروگرام ۾ جن شين تي ڌيان ڏنو ويو ان ۾ ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ شامل آهي. ان کان اڳ شرڪت ڪندڙن کي هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان ??ڏي غربت جي خاتمي جي پروگرام جي معاشري جي ڪمزور طبقي تي مثبت اثرن کي بيان ڪيو ويو. ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ پاڪستان جي 100 هين سالگرهه تائين ”سڀني جي لاءِ سماجي تحفظ“ جي هدف جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. احساس پروگرام جي 2019ع ۾ شروع ٿيڻ کانپوءِ احساس ملڪ جي سڀ کان ??ڌيڪ اثرانگيز منصوبن مان ??ڪ بڻجي ويو آهي جنهن لکين ماڻهن تائين 16 پروگرام فراهم ڪيا آهن. ان ??روگرام تحت ڪورونا وبا دوران روڪ رقم جي منتقلي، صحت جي تحفظ، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس، رو??گار جي لاءِ روڪ رقم جي فراهمي، عارضي رهائش، غذائيت جي پئڪيجز، مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ جا قدم ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام شامل آهن. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري پروگرام ۾ نمايان ??دم??ون سرانجام ڏيندڙ سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر صدر ۽ ت??ريب جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته احساس پروگرام کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت سڌارڻ جي لاءِ شفاف بنيادن تي اڳتي وڌايو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڀرپور طريقي تي ڪم ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده حڪومت ان ??روگرام کي اڳتي وڌائيندي.