پشاور – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ليڊي ريڊنگ اسپتال (ايل آر ايڇ) پشاور جو دورو ڪيو، جتي هن پوليس لائينز جي مسجد ۾ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. صدر اسپتال جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين سان ڳالهه ٻولهه ??ئي ۽ اسپتال ا??تظ??ميا کي هدايت ??ئي ته انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر سان گڏ خيبرپختونخواهه جو نگران و??و وزير محمد اعظم خان به هو. صدر زخمي پوليس اهلڪارن جي حوصلي کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. هن ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.