اسلام آباد – 04 – ??نوري (اي پي پي) پا??ستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا بيان پا??ستان کي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ڀارت جي ناڪامي تي وڌندڙ مايوسي جا عڪاس آهن. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پا??ستان جي خلاف تازن بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پا??ستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪري ٿو. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت مظلوميت جو فرضي داستان ۽ پا??ستان مخالف پروپئگنڊه جي ذريعي عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪڌي مهم ۾ مصروف آهي، اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. مسلسل پا??ستان مخالف بيانيو پا??ستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ڀارت جي نڪ جي پڪائي سان ملوث هجڻ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي ۽ نه ئي اهو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي تي پڙدو وجهي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت پا?? دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پا??ستان جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ جو سلسلو بند ڪري. رڳو ڪجهه هفتا اڳ هڪ ڊوزيئر جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ ناقابل ترديد ثبوت موجود هئا جيڪي 2021ع ۾ لاهور جي هڪ پرامن پا??ي ۾ ٿيندڙ دهشتگرداڻي حملي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪن ٿا. 2007ع جي سمجهوتا ايڪسپريس سانحي ۾ ڀارتي سرزمين تي 40 کان وڌيڪ پا??ستاني شهرين جي مارجڻ کان وٺي 2016ع ۾ ڀارتي بحريه جي حاضر ??رو?? ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي پا??ستان جي اندران گرفتاري تائين، دهشتگردي ۽ تخريبڪاري ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ترديد نه ٿيڻ جو??ا ثبوت موجود آهن.