اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجائي??دي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قوم جون ڪوششون جاري رهنديون. صدر ضلعي ڪرم ج?? علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروا??ي تي پاڪستان آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد صوبيدار شجاع محم??، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو ڏيڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.