اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيٺئين سطح تي ر??بط?? وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ريڪوڊڪ ۽ ٻيا منصوبا بلوچستان جي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليمي دو??ي تي آيل ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهلو، بلوچستان جي ڪيڊٽس سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چي?? ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيـٺئين سطح تي ر??بط?? وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. هن چي?? ته قومي ۽ صوبائي قيادت عوام سان مضبوط سياسي لاڳاپا قائم ڪري، بلوچستان جي نوجوانن کي صوبائي ۽ قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته بلوچستان معدنيات سان مالامال صوبو آهي، ماڻهو باصلاحيت ۽ بهادر آهن، ريڪوڊڪ سميت ٻيا منصوبا بلوچستان کي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهن ٿا، بلوچستان جي قدرتي وسيلن کي بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪ??ي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. هن چي?? ته پنهنجا نوازي ۽ بدعنواني جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت جو فروغ قوم جي تعمير جي لاءِ ضروري آهي، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ، ذاتي مفادن ۽ اناءَ کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مناسب پرورش ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل مالي، سماجي ۽ اقتصاد استحڪام حاصل ڪرڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ڪنجي آهي، سموريون ڌريون پنهنجي اناءَ ۽ انتهائي رويي کي هڪ طرف رکن، عظيم تر قومي مفاد کي مٿانهون رکن. صدر چي?? ته شاگرد سڄي زندگي علم هاصل ڪرڻ کي جاري رکن، پنهنجي صلاحيتن کي مسلسل نکارين، شاگرد پنهنجي اخلاقي ۽ خانداني قدرن کي برقرار رکندي صحيح ترجيحن جو تعين ڪن. صدر معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪيڊٽ ڪاليجز کي ساراهيو.