اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن جي ترويج تمام ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دا??ود?? بوهرا برادري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن هتي دا??ود?? بوهرا ڪميونٽي جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفدل سيف الدين جي نمائندي ڪ??ميل يونس جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته دا??ود?? بوهرا برادري جي پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن، دا??ود?? بوهرا برادري هڪ پرامن جماعت آهي ۽ ان جا فلاحي جا ڪم متاثر ڪندڙ آهن. وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ برداشت پاڪستان جي باني قائداعظم جا اهي پراڻا اصول هئا جيڪي پاڪستان جي بنياد جو حصو آهن ۽ پاڪستان جي موجوده پرڏيهي پاليسي انهن جي ئي مظهر آهي. هن چيو ته معاشري ۾ موجود عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي بوهرا برادري جي ڪردار کي ساراهيو. هن دا??ود?? بوهرا برادري کي ??وڏ متاثرين جي مدد ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم کي ??نهنجي سمورن منصوبن ۾ سولر توانائي جي استعمال بابت ٻڌايو جنهن جي صلاحيت 6 ميگاواٽ آهي، وزيراعظم انهن جي ان قدم کي ساراهيو.