اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي ??فيس جي ترجمان چيو آهي ??ه افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ک?? بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ جو ڪو ارادو نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي جمعي ڏينهن ٿيندڙ حملي جي حوا??ي سان ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته سفارتخاني ک?? بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ جو ڪو منصوبو نه آهي. پاڪستان افغانستان ۾ عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهي ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ مشنز جي حفاظت جي لاءِ حفاظتي انتظامن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.