اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (حڪومتي سربراهن) جي 21 هين اجلاس کي خطاب ڪيو. ورچوئل فارميٽ ۾ اجلاس جي ميزباني چين ڪئي جيڪو ايس سي او جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو موجوده سربراهه آهي. چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي حڪومتي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي او جي مبصر ملڪن جي نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پ??ڏي??ي وزير شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري ??عا??ن وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تنظيم جي خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطا قائم ڪرڻ سان ايس سي او جي وچ ۾ ??عا??ن جي سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي کولڻ ۾ مدد ملندي. پ??ڏي??ي وزير چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي جيڪو علائقائي رابطن ۽ انضمام جي ذريعي گڏيل خوشحالي جي شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ويزن کي مڪمل ڪري ٿو. پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي او کي انتهائي اهميت ڏيان ٿو ۽ پاڪستان شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي اصولن جي بنياد تي علائقائي ??عا??ن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ منصوبن تحت قدم کنيا آهن. هن غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي ڪامياب قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غربت جي خاتمي جي لاءِ ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ جو پهريون اجلاس ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو. پ??ڏي??ي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ترقي يافته ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته اهي ”ڪلائميٽ فنانس“ بابت پنهنجي واعدن کي پورو ڪن ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترقي جي هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي ترقي جي لاءِ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي اهميت جو ذڪر ڪندي رياستي دهشتگردي سميت دهشتگردي جي لعنت کي ان جي سمورن مظاهر ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن افغانستان سان پائيدار ۽ عملي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن افغان عوام کي پنهنجي ملڪ کي درپيش انساني ۽ معاشي بحرانن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي. ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي ??عا??ن تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي، جتي ميمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا.