اسلام آباد ??? 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمرشل ۽ ڪاروباري معاملن واري آمريڪي خصوصي نمائندي دلاور سيد سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر، آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خان ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سا?? قدم آمريڪي مدد ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي حوالي سا?? ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات جي موقعي تي پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري تازي ٻوڏ دوران آمريڪا پاران فراهم ڪيل معاملن تي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن واپاري لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي واپاري معاملن واري خصوصي نمائندي دلاور سيد ٻوڏ سا?? ٿيندڙ تباهين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.