نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 77 هين اجلاس ج?? اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت کانپوءِ آمريڪا کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 20 کان 26 سيپٽمبر تائين جاري گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. ان کانسواءِ آمريڪي ص??ر جو بائيڊن سميت سڄي دنيا جي م??لڪتي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. هن جنرل اس??مبلي جي ص??ر سي سابا ڪوروسي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، آءِ ايف آئيز، عالمي ادارن ۽ عطيو ڪندڙ تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطم?? ۽ ??حد چيما پڻ گڏ هئا.