نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??نا رباني کر چيو آهي ته عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غير??تن??سب طور تي متاثر ٿيون آهن، عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي ۽ خاص طور تي موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳو??ڻن جي آواز جي وڏي اهميت آهي، پاڪستان ۾ ??از?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 650000 کان وڌيڪ حاملا عورتن جي صحت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ ”فيمنسٽ فارن پاليسي“ جي موضوع تي هڪ تقريب کي خطاب ۾ڪيو. تقريب جو انعقاد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيو ويو. ??نا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فيمنسٽ فارن پاليسي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳو??ڻن جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته عورتون تڪرارن ۽ بحران سان غير??تن??سب طور تي متاثر ٿين ٿيون، ان ڏس ۾ انهن ک?? اصولن سان سچي وابستگي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. جرمني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ عورت وزيرن ۽ اڳو??ڻن شرڪت ڪئي جيڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي لاءِ نيويارڪ ۾ موجود آهن.