ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? ۽ ڪرغز??تا?? واپار، سيڙپڪاري، ??وانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغز??تا?? جي صدر رسدير زاپروف جي ملاقات ۾ ٿيو. ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪرغز??تا?? جي صدر موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪ??تا?? ۾ ايندڙ وڏي ٻوپ ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار تي صدر زاپروف جا ٿورا ??ڃي?? ۽ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي تفصيلن کان کيس آگاهه ڪيو. هن موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي اهميت ۽ پاڪ??تا?? جهڙن ملڪن جي لاءِ تعاون جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو جن جو ڪاربن جي اخراج ۾ عملي طور تي ڪو حصو نه آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، ??وانائي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اعليٰ سطحي دورن، بين الپارلياماني لاڳاپن ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن بجلي جي پهچ جي ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ڪرغز??تا?? کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي ذريعي سمنڊ تائين پهچ ۾ سهولت ڏيڻ جي پاڪ??تا?? جي عزم کي ورجايو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ چارٽرڊ اڏامن جي بحالي جي پڻ آجيان ڪئي. وزيراعظم جمهوريه ڪرغز??تا?? جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 11000 کان وڌيڪ پاڪ??تا??ي شاگردن جي ميزباني تي ٿورا ??ڃي?? ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪرغز??تا?? جي حڪومت ملڪ ۾ انهن جي تعليمي قيام دوران انهن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي ۽ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندي. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر زاپروف کي جلد پاڪ??تا?? جي دوري جي دعوت ڏني.